سنڌي ادب جي تاريخ2 (جلد پهريون)

سنڌي ادب جي تاريخ2 (جلد پهريون)

سنڌي ادب جي تاريخ2 (جلد ٻيو)

سنڌي ادب جي تاريخ2 (جلد ٻيو)

سنڌي ادب جي تاريخ2 (جلد ٽيون)

سنڌي ادب جي تاريخ2 (جلد ٽيون)

سنڌي ادب جي تاريخ2

سنڌي ادب جي تاريخ2 (ڪتاب): هي ٽن جلدن ۾ ڇپيل سنڌي ادب جي تاريخ، سنڌ جي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ عالم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي تصنيف آهي. هن کان اڳ جوڻيجي صاحب 1973ع ۾ ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘ ڪتاب لکيو هو، جنهن جا چئن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن. بعد ۾ هن سنڌي ادب جي تاريخ ٽن جلدن ۾ تفصيلي لکي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي حوالي ڪئي ۽ اداري اهي ٽئي جلد ترتيبوار 2004ع، 2005ع ۽ 2006ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. هي ٽئي جلد سنڌي ادب جي شاگردن، اديبن ۽ چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن لاءِ تياري ڪندڙن لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيا آهن. هيٺ ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ جو جلد وار تفصيل ڏجي ٿو:
هن ڪتاب جو پهريون جلد، هيٺين دورن ۾ ورهايل آهي. پهريون دؤر: سنڌي شاعريءَ جي ابتدا، سومرن جو دور، اسماعيلي داعين جو ڪلام، سمن جو دؤر ۽ ان دؤر جا شاعر، قاضي قادن، مخدوم نوح، پير محمد لکوي، دادو ديال، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، لطف الله قادري، پراڻ ناٿ، ميون شاهه عنات رضوي ۽ ٻيا شاعر. هي دؤر ڇهن بابت تي مشتمل آهي. ٻيو دؤر: شاهه لطيف، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو، ميان صاحبڏنو فاروقي، ميين شاهه عنات جي خاندان جا شاعر، تمر فقير، عروضي شاعريءَ جي ابتدا، لسٻيلي ۽ ڪڇ جا شاعر، هي دؤر چئن بابن تي مشتمل آهي. ٽيون دؤر: ميرن جو دور، سچل سرمست ۽ ان جا ٻالڪا، سنڌي موسيقي ۽ ڪافي- ٻن بابن تي مشتمل آهي. هي جلد ڊيمي سائيز جي 352 صفحن تي مشتمل 2004ع ۾ ڇپيو.
ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو ٻن دورن تي مشتمل آهي، پهرئين دؤر ۾ بيت، ڪافي، مدح، مناجات ۽ ٻين صنفن جي شاعرن سان گڏ روحل فقير ۽ ڪنڊڙيءَ جا ٻيا شاعر صوفي صادق، خليفو نبي بخش، حسن بخش شاهه، خواجه غلام فريد، محمود فقير کٽياڻ، حمل فقير وغيره کان وٺي سانوڻ فقير تائين شاعر بيان ڪيا ويا آهن. ٻئي دؤر ۾ ويدانتي ڪلام، عروضي شاعري ۽ عروضي شاعرن جو احوال ڏنل آهي، جنهن ۾ سامي، صوفي دلپت ۽ آسورام جو ذڪر آهي. آخر ۾ جديد سنڌي شاعري ۽ جديد شاعرن بابت سرسري ذڪر ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 595 صفحن تي مشتمل هي جلد 2005ع ۾ ڇپيو.
هن ڪتاب جي ٽئين جلد ۾ ڪل 9 باب آهن، باب پهرئين: سنڌي نثر جي ابتدا، قصا ۽ داستان، باب ٻئي ۾ ناول، باب ٽئين ۾ ناٽڪ، باب چوٿين ۾ افسانو/ ڪهاڻي، باب پنجين ۾ سوانح عمري، باب ڇهين آتم ڪهاڻي، باب ستين ۾ سفرناما، خط نويسي ۽ خاڪا نويسي ۽ ڊائريون، باب اٺين ۾ تنقيد، مضمون نگاري ۽ اهم ڪتاب ۽ رسالا، جڏهن ته نائين باب ۾ محققن ۽ ٻارن جي ادب بابت معلومات ڏني وئي آهي. هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 249 صفحن تي مشتمل آهي. ٽنهي جلدن جي قيمت 200 روپيا في جلد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو